پير نور شاهه هاشمي

پير نور شاهه هاشمي: الحاج سيد پير نور شاهه ولد سيد بقادار شاهه هاشمي، 1940ع ۾ مٽياري شهر ۾ پيدا ٿيو. مٽياري شهر جي ترقيءَ لاءِ سندن ڪوششون تعريف لائق آهن. سندن گهراڻو مذهبي اهميت کانسواءِ هميشه کان سياسي اهميت جو حامل به رهيو آهي. سندن چاچي سيد پير الهيار شاهه'>الحاج سيد پير الهيار شاهه هاشميءَ کان سواءِ سندس والد سيد پير بقادار شاهه هاشميءَ جو به سياست سان گهرو واسطو رهيو آهي، جيڪو سنڌ جي بمبئيءَ سان الحاق واري دور ۾ بمبئي اسيمبليءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاران پيپلز پارٽيءَ جي تنظيم ڪاريءَ کان اڳ ٻنهي جي گهري دوستي هئي. جيڪو رشتو سندس والد سيد پير بقادار شاهه ۽ ڀٽي جي والد سر شاهنواز ڀٽي جي وقت کان قائم هو. ان ڪري جڏهن ڀٽي صاحب پيپلز پارٽيءَ جي تنظيم ڪاري شروع ڪئي ته مشڪل سياسي حالتن ۽ وڏيءَ عمر جي باوجود سيد بقادار شاهه مـٽياريءَ واري علائقي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي تنظيم ڪاريءَ ۾ سندس وڏي مدد ڪئي. ڀٽي صاحب ان وقت چونڊن ۾ سندس وڏي فرزند سيد محمد زمان شاهه کي پيپلز پارٽيءَ پاران بيهارڻ جو وعدو ڪيو هو، پر پوءِ ڪن سياسي مصلحتن سبب کيس اهو فيصلو بدلائڻو پيو. ان کان پوءِ سيد محمد زمان شاهه مرحوم سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويو، پر ان هوندي به هن خاندان جو ڀٽي صاحب ۽ سندس جماعت سان ناتو اڄ تائين قائم آهي. 60 واري ڏهاڪي ۾ پير نور شاهه نوجوانيءَ ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر چونڊجڻ سان پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. 80 جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ کيس شهر جي ٽائون ڪميٽيءَ جو بنا مقابلي چيئرمئن چونڊجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، جنهن تان 1983ع جي ايم. آر. ڊي (تحريڪ) وقت مدي پوري ڪرڻ کان اڳ ئي استعفا ڏئي ڇڏيائين. پير صاحب کي 1990ع ۽ 1993ع وارين چونڊن ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ لاءِ پيپلز پارٽيءَ نامزد ڪيو. سندس پارليامينٽري سياست جو پهريون دور ڄام صادق عليءَ جي ڪري ڪافي ڏکيو گذريو. سندس هڪ فرزند سيد سوڌل شاهه 2005ع ۾ مٽياري تعلقي جو ناظم ۽ ٻيو فرزند سيد پير اظهر شاهه 2005ع ۾ يونين ڪائونسل مٽياريءَ جو ناظم رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو